سنت شري مامئي ڏيو جي سماڌي

سنت شري مامئي ڏيو جي سماڌي

سنت شري مامئي ڏيو جي سماڌي

سنت شري مامئي ڏيو جي سماڌي: هي سماڌي مڪلي قبرستان، ٺٽي جي ڏکڻ- اولهه طرف هڪ وسيع ميداني علائقي تي واقع آهي، جتي سامئي نگر جا قديم يادگار پڻ ملن ٿا. هي سماڌي هڪ هزار چورس فوٽ تي مشتمل واڙي (ميدان) جي وچ تي هڪ وڏي ٿلهي تي قائم آهي. هن ٿلهي جي اوچائي تقريباً هڪ ميٽر ۽ قطر (diameter) 10 فوٽ آهي. سماڌيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏکڻ- اوڀر طرف کان آهي. واڙي (ميدان) جي چوڌاري سرن جي ڀت ڏنل آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ تقريباً ٻه هزار ياترين جي ويهڻ جي گنجائش آهي.
مختلف وقتن تي هن سماڌيءَ جي تعمير ۽ ترقيءَ جو عمل هلندو پئي رهيو آهي. ابتدائي طور هي محض ٿلهي تي قائم ٿيل سماڌي هئي، بعد ۾ ان جي انتظامي ڪميٽي ’شري مامئي ڏيو سيوا سمتي‘ چندو گڏ ڪري هيءَ سماڌي جوڙائي.
سماڌي هڪ وڏي سيمينٽ جي ٿلهي تي ٺهيل آهي. ٿلهي کي مٿي چڙهڻ لاءِ 8 ڏاڪا ڏنل آهن، جيئن ته سماڌي اٺڪنڊي آهي، ان لاءِ مٿي پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون به چوڌاري جوڙيون ويون آهن. سڄي سماڌي مک اٺن ٿنڀن تي بيٺل آهي، جڏهن ته هر ٿنڀي کي پاسي کان ٻيا ٻه ٿنڀا به ڏنل آهن. ٿنڀن جي مٿان چوراس ٺاهي ان جي مٿان چوڌاري مضبوط جهالر ڏني وئي آهي، ڇت تي اٺڪنڊو شڪارو ٺهيل آهي، پر شڪارو چئي نه ٿو سگهجي. شڪارو اٺڪنڊو آهي، جنهن ۾ هوا لاءِ اٺ جارا ڪڍيا ويا آهن ته جيئن هوا جو گذر ٿي سگهي، جارا گول ۽ جنسار سان آهن. شڪاري جي اندرين ڇت تي ڪا شيءِ جي نيرين ۽ ڪارين سرن سان گلڪاري ڪئي وئي آهي. جارن جي چوڌاري به ساڳين سرن جي گلڪاري ٿيل آهي، جڏهن ته ٻن ڪاشيءَ جي ڦولن جي وچ ۾ هر هڪ گول تي مختلف سنتن جي سماڌين کي چٽيو ويو آهي، اهو وڙ هر سماڌيءَ ۾ ڪونه ٿو ملي.
شڪاري جي مٿان ڪوڻيءَ جو سبتو گل جوڙيو ويو آهي، هي سماڌي چوڪنڊي نموني جي آهي، مکيه سماڌيءَ جي عمارت ۾ وري اهڙي ئي نموني جي ٻي اصل سماڌي ٺاهي، ان جي ٿنڀن تي جنسار ڪيو ويو آهي، عمارت ڏسڻ ۾ جانب نظر ۽ سنڀاليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو